شفيع محمد نظاماڻي

شفيع محمد نظاماڻي

شفيع محمد نظاماڻي

شفيع محمد نظاماڻي: مولوي شفيع محمد ولد مير محمد نظاماڻي 1892ع ڌاري ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ديوبند (هندستان) ويو، پر ڪجھه وقت کانپوءِ واپس وطن آيو ۽ هالا ۾ خليفي صاحب جي مدرسي ‘محمديه’ ۾ پڙهڻ ويٺو. ان کانپوءِ پير جھنڊي جي مشهور مدرسي ‘دارالرشاد’ ۾ باقي تعليم حاصل ڪيائين. مولوي شفيع محمد نظاماڻي علم جي تحصيل کانپوءِ فلاحي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ اڳتي هلي ضلعي ڪائونسل جو ميمبر بڻيو. اهڙيءَ طرح جڏهن سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ لاءِ تحريڪ هلي ته پاڻ ان ۾ به هڪ اهم ڪارڪن جي حيثيت سان، سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پنهنجون سياسي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن ملڪ اندر ڪيتريون ئي تحريڪون شروع ٿيون ته مولوي شفيع محمد خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿي وطن جي آزاديءَ لاءِ سرگرميءَ سان بهرو ورتو. شفيع محمد نظاماڻيءَ 1970ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ شفيع محمد نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو